پراڻي ٿرڙي

پراڻي ٿرڙي: هي ماڳ تعلقي رتيديري ۾ آهي، هن کي مناهه ٿرڙي جو دڙو به سڏيندا آهن. هي ماڳ اتر ۾ ڊگهائي ڦاڪ 270 42' 10" ڊگرين تي ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 670 53' 00" ڊگرين تي موجود آهي. هي دڙو ٻه سؤ ميٽر ڊگهو، هڪ سؤ ٽيونجاهه ميٽر ويڪرو ۽ اٽڪل 6 ميٽر اوچو آهي. هتان ٻُڌ ڀڳوان جون مورتيون پڻ هٿ آيون آهن، جڏهن ته ٺڪراٽو اسلامي ۽ اوائلي دؤرن جو ملي ٿو. هتي هاڻي قبرستان ٺاهيو ويو آهي. چوڌاري زرعي زمينون پڻ آباد آهن. هي ماڳ ٻُڌ دور سان واسطو رکي ٿو. جڏهن ته اڃا هن ماڳ جي کوٽائي ناهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو